پاڪستان پيپلز پارٽي لطيف کوسو جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي

لاهور: پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي وقتي صدر رانا فاروق سعيد لطيف کوسو جي پارٽي رڪنيت ختم ڪري ڇڏي آهي.

ماڊل ٽائون لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ سينٽرل پنجاب جي وقتي صدر رانا فاروق سعيد چيو ته لطيف کوسو کي چيو هو ته ريڊ لائن ڪراس نه ڪري پر هن پارٽي جي ريڊ لائين ڪراس ڪئي

رانا فاروق سعيد الزام لڳايو ته لطيف کوسو بطور وڪيل پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي ۽ مراعتون به وٺندو رهيو. هن پنهنجي پٽ کي اٽارني جنرل مقرر ڪرائڻ چاهيو ٿي پر اهو عهدو نه ملڻ تي هن بليڪ ميلنگ شروع ڪري ڇڏي.

پ پ سينٽرل پنجاب جي وقتي صدر چيو ته لطيف کوسو جي بنيادي رڪنيت ختم ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب آفيس ۾ وال آف شيم جو افتتاح به ڪيو ويو جنهن ۾ لطيف کوسو جي تصوير به لڳائي وئي هئي.

ياد رهي ته سومر جي ڏينهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لطيف کوسي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي هئي. ملاقات ۾ جمهوريت، آئين جي تحت ملندڙ بنيادي انساني حقن جي تحفظ لاءِ پرامن جدوجهد ۾ تيزي آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو.

ياد رهي ته بلوچستان جي وڪيل عبدالرزاق شر قتل ڪيس ۾ پنهنجي نامزدگي کي عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ لطيف کوسي ذريعي چئلينج ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔