چين اسان کي بچائڻ لاءِ ٻيهر سامهون آيو آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير غير معمولي آهي، چين، سعودي عرب ۽ قطر اسان جي مدد ڪري رهيا آهن، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي بچائڻ لاءِ سامهون آيو آهي، ويجهڙائي وارن ڪجهه هفتن ۽ مهينن ۾ چين بي مثال مدد ڪئي آهي

اسلام آباد ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ چشمه پاور پلانٽ بابت مفاهمتي يادداشت نامي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 12 سئو ميگاواٽ جي چشما سي فائيو منصوبي جي يادداشت نامي تي صحيحون ڪيون ويون آهن

هن چيو ته  4 ڏهائي 8 ارب ڊالرز جو هي منصوبو اهو پيغام آهي ته چيني سيڙپڪار پاڪستان تي اعتماد ڪن ٿا، دنيا ۾ مهانگائي سبب قيمتون وڌي ويون آهن، ان جي باوجود چيني ڪمپني قيمتون نه وڌايون آهن

وزير اعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته منهنجي درخواست تي چيني ڪمپني 30 ارب روپين جي رعايت ڏني آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔