عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو غير شرعي نڪاح: ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي يا نه، فيصلو محفوظ

اسلام آباد: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سول جج نصرمن الله جي عدالت ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي غير شرعي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي چيو ته جيڪڏهن شادي قانوني هئي ته ٻيهر نڪاح ڇو پڙهايو ويو؟

جج سوال ڪيو ته عمران خان جو نڪاح ته لاهور ۾ ٿيو آهي پوءِ اسلام آباد جي سيشن عدالت جو اختيار ڪيئن بڻجي ٿو.

درخواستگذار جي وڪيل راجا رضوان عباسي جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ عدالت عمران خان خلاف غير شرعي نڪاح جي الزام جو ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو اڄ 2 وڳي ٻڌايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔