سستي پئٽرول جي فراهمي لاءِ صوبن کان رجسٽرڊ موٽرسائيڪلن جي ڊيٽا طلب

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان موٽرسائيڪل مالڪن کي سستي اگهن تي پيٽرول جي فراهمي جو منصوبو تمام جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

اختيارين موجب وفاقي حڪومت موٽر سائيڪل مالڪن کي سستي اگهن تي پيٽرول جي فراهمي واري منصوبي لاءِ صوبن کان رجسٽرڊ موٽرسائيڪلن جو ڊيٽا ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي کان طلب ڪيو ويو آهي. جنهن کي نادرا سان جوڙيو ويندو. موٽر سائيڪل مالڪن جا ڪاغذ چيڪ ڪيا ويندا جنهن کان پوءِ کين ماهوار سستي اگهن تي پيٽرول ڏنو ويندو.

ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي بلوچستان رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو ڊيٽا وفاقي حڪومت کي ڏئي ڇڏيو آهي جنهن موجب بلوچستان ۾ رجسٽرڊ موٽر سائيڪلن جو انگ 5 لک کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔