نااهلي بعد آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ڊي سيٽ قرار: نوٽيفڪيشن جاري

اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير جَي وزيراعظم کي ڊي سيٽ ڪرڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

آزاد ڪمشير جِي هاءِ ڪورٽ  وزيراعظم سردار تنوير الياس کي توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو هو

عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر  کي نئين وزيراعظم جي چونڊ لاءِ خط لکيو هو

آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ نااهل  قرار ڏنل وزيراعظم کي جواب جمع  ڪرائڻ لاءِ 2 هفتن جي مهلت ڏني هئي

آزاد ڪشمير جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا هئا ته وزير اعظم صاحب! جيڪو ڪجهه توهان ڳالهايو  آهي، اُها سڌي ريت توهين عدالت آهي، توهان اسيمبلي ۾ جيڪو ڪجهه  ڳالهائيندا آهيو، عدليه اُن تي برداشت جو مظاهرو ڪيو

ڪيس ۾ پراسيس جي ضرورت ناهي، نوٽيس جاري ڪريون ٿا، 2هفتن اندر لکت ۾ جواب جمع ڪرايو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔