ڊجيٽل آدمشماري: ڪراچي جي آبادي 2017ع کان به گهٽجي وئي

نئين ڊجيٽل آدمشماري ۾ نئون ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي ۾ رڳو 29 لک جو فرق رهجي ويو آهي

ڪراچي ڊويزن جي هيل تائين آبادي هڪ ڪروڙ 39 لک ۽ حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ڄاڻائي وئي آهي

ٻنهي ڊويزنن ۾ آدمشماري جو 95 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هيل تائين جي ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي 2017 جي آدمشماري کان گهٽ ٻڌائي پئي وڃي

رڪارڊ موجب سنڌ جي ڪُل آبادي هيل تائين 4 ڪروڙ 85 لک کان وڌيڪ ڄاڻائي وئي آهي

ڪراچي ڊويزن جي هيل تائين جي آبادي هڪ ڪروڙ 39 لک ڳڻجي چڪي آهي، جيڪا اڻپوري آهي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ 10 لک، لاڙڪاڻي ڊويزن جي 71 لک ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي آبادي 46 لک کان وڌيڪ ڳڻجي چڪي آهي

شهيد بينظير آباد ڊويزن جي آبادي 5.6 ملين ۽ سکر ڊويزن جي آبادي رڳو 6 لک ڄاڻائي وئي آهي، ڊجيٽل آدمشماري جي عملدارن موجب 30 اپريل تائين ڊيٽا وفاقي حڪومت کي موڪلي ويندي، جنهن بعد حتمي نتيجا جاري ٿيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔