ڪيناڊا ۾ غير مقامي ماڻهن جي ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي

اوٽاوا : ڪيناڊا ۾ غير مقامي ماڻهن جي ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن جو مقصد رهائشي بحران کي ڀوڳيندڙ مقامي ماڻهن کي گھر ڏيڻ آهي. ان ايڪٽ تحت ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇوٽ ڏنل آهي، جنهن ۾ مستقل رهائشي شامل آهن.

پرڏيهي خبرن موجب غيرمقامي ماڻهن کي ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ  جو اعلان وزيراعظم جسٽن ٽروڊو  2021 ۾ چونڊ مهم دوران ڪيو هو.

اليڪشن ۾ لبرل پارٽي جي فتح بعد خاموشي سان ان ايڪٽ کي لاڳو ڪيو ويو جنهن تحت غير مقامي ماڻهن جي ملڪيت خريد ڪرڻ تي پابندي هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔