ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ڪر کنيو آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي:وزيراعظم

صحبتپور : وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ ڪر کنيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سبب زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي

بلوچستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ بعد ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عالمي برادري جي مدد سان ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪنداسين، انتهائي ڏکين حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي هئي

هن جو چوڻ هو ته اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين سبب عوام مهانگائي ۽ ٻيا عذاب ڀوڳي رهيو آهي، وزيراعظم ٻوڏ متاثرن سان ملاقات ڪئي ۽ ٻارن لاءِ قائم ڪيل نئين اسڪول جو افتتاح به ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔