سپريم ڪورٽ عمران خان کان 25 مئي جي واقعن بابت وضاحت طلب ڪري ورتي، 5 نومبر تائين تفصيلي جواب ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي
چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ۾ چيو ته عدالت پي ٽي آءِ جي خاطري تي حڪومت کي رنڊڪون هٽائڻ جي هدايت ڏني هئي
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته 10هزار ماڻهو گهرائي 2 لک ماڻهن جي زندگي عذاب نه ٿي بڻائي سگهجي، فيض آباد ڌرڻي دوران ايمبولنس ۾ ماڻهو مري ويا هئا، جمهويت کي مڃيندڙ اهڙو احتجاج ناهن ڪندا
جسٽس اعجاز الحسن چيو ته تحريڪ انصاف عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو، عدالت پي ٽي آءِ قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو هو،عدالتي حڪم تي حڪومت رڪاوٽون هٽايون