سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ دوران 18 لک 85 هزار گهرن کي نقصان پهتو

ڪراچي: سنڌ ۾ طوفاني وسڪارن ۽ ٻوڏ دوران 18 لک 85 هزار گهرن کي نقصان پهتو، 7 لک 16 هزار گهر مڪمل تباهه ٿي ويا، 11 لک 68 هزار گهر جزوي متاثر ٿيا

پي ڊي ايم اي سنڌ ٻوڏ جي تباهڪارين بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ سبب 50 لک ماڻهو بي گهر ٿيا

رپورٽ موجب هڪ ڪروڙ 23 لک ماڻهو متاثر ٿيا، ٻوڏ ۽ برسان دوران 799 ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، 8 هزار 422 ڄڻا زخمي ٿيا، فوتين ۾ 338 ٻارڙا به شامل

واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، سنڌ حڪومت اڃا تائين واضح انگ اکر گڏ ڪري نه سگهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔