سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 20 لک ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آهي: سردار شاھ جو اعتراف

ڪراچي: تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه اعتراف ڪيو آھي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 20 لک ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي آهي

يونيسيف ايجوڪيشن پارٽنرشپ جي انتظام هيٺ ٿيل اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ 20 هزار 602 اسڪولن جي عمارتن کي نقصان پهتو

ھن چيو ته هن وقت تدريسي عمل جي بحالي وڏو چئلنج بڻيل آهي، ٻوڏ سبب ڪمزور ٿيل عمارتن ۾ ٻارڙن کي نه ٿو ويهاري سگهجي

سردار شاھ موجب  ٽينٽ ڪلاسز شروع ڪرڻ لاءِ 20 هزار ٽينٽس جي ضرورت آهي، اسڪولن لاءِ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان محفوظ عمارتون ٺاهڻ جي ضرورت آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔