هڪ سموسو کائيندڙ لاءِ 50 هزار رپيا انعام جو اعلان

ممبئي: عام طور تي ڪنهن به شيءِ کي کائڻ لاءِ هن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي پر جيڪڏهن هڪ سموسو کائڻ عيوض 50 هزار رپيا انعام جي آڇ ڪئي وڃي ته يقينن هر ڪو اهڙي چئلينج قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو ۽ اهڙي شاندار آڇ ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر ميرٺهه جي هڪ بيڪري طرفان ڏني وئي آهي

بيڪري طرفان 8 ڪلو گرام وزني سموسو تيار ڪرڻ لاءِ آلو، داليون، پنير ۽ مصالحن جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هن کي عام سموسن جيان تيل ۾ فراءِ ڪرائي ٺاهيو ويو آهي. بيڪري طرفان هڪ سموسو کائيندڙ شخص لاءِ 50 هزار ڀارتي رپيا انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو سموسي کي ڏسڻ لاءِ بيڪري جو رخ ڪري رهيا آهن

پر بيڪري مالڪ شبهمن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين ڪوبه شخص سموسو کائي انعام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهيو، جڏهن ته بيڪري مالڪ جو چوڻ آهي ته اهو تمام جلد 10 ڪلو وزني سموسو به تيار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔