صوبائي وزير سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب ڪورونا ۾ مبتلا

ڪراچي :سنڌ  جو هڪ وڌيڪ  صوبائي وزير سعيد غني ۽ ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب  ڪورونا  ۾ مبتلا ٿي ويا، سعيد غني ٻه ڏينهن اڳ هڪ ٽوئيٽ ڪندي ڄاڻايو آهي ته ڪورونا جي نئين لهر  دوران هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا ۾ وڪوڙجي ويو آهي، سندس طبيعت ٺيڪ آهي پر ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ ڪري هن پاڻ کي آئيسوليٽ ڪيو آهي، ساڳئي ريت ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب پڻ ڪورونا پازيٽو اچڻ بعد پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.  هوڏانهن ڪورونا  وگهي  وڌيڪ  هڪ شهري فوت ٿي ويو، جڏهن ته 255 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد شرح وڌي 5.46 سيڪڙو ٿي وئي، ملڪ ۾ 141 مريضن جي حالت نازڪ ٿيڻ ڪري کين آءِ سي يو  منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن  ڪراچي م 161 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد شره 39.4 سيڪڙو ٿي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔