ڪراچي: ڪراچي ۾ نسلا ٽاور جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، فيروز آباد ٿاڻي ۾ نسلا ٽاور جي ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي آفيسرن کي نامزد ڪيو ويو آهي
پوليس موجب ڪيس ۾ سنڌي مسلم ڪو آپريٽو سوسائٽي جا ذميوار به نامزد آهن، جڏهن ته ڪيس ۾ لاڳاپيل ادارن کي به نامزد ڪيو ويو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ سنڌي مسلم ڪوآپريٽو سوسائٽي کان ذميوارن جا نالا طلب ڪيا ويا آهن