ڪراچي: اغوا جي ڪوشش ناڪام، جعلي پوليس اهلڪار سوڌو 4 ڄڻا گرفتار

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي منگھوپير ۾ شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙ جعلي پوليس کي اهلڪار گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس موجب جوابدار منگھوپير ۾ پوليس اهلڪار جي روپ ۾ شهرين کان ڦرلٽ ڪندو هو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ٻئي طرف پوليس گزري مان شهري جي اغوا جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

هوڏانهن گوليمار چورنگي وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڊفينس خيابان راحت ۾ هڪ گهر ۾ ڦر جي واردات ٿي، جنهن ۾ جوابدار لکين رپين جو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔