سنڌ ۾ سزا ٻڌايل ۽ ضمانت تي آزاد سرڪاري آفيسرن کي پوسٽنگ نه ڏيڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب سٽيل آفيسرن بابت ڪيس ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري کي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏنا ته نيب ڪيسن ۾ سزا يافته ۽ ضمانت تي آزاد آفيسرن کي عهدن تان هٽايو وڃي، دال ۾ ڪجهه ته ڪارو آهي،

اسان سزا يافته آفيسرن کي پوسٽنگ کان روڪيو هو، سچ ٻڌايو ته عدالتي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو؟، فوڪل پرسن ٻڌايو ته تعليم کاتي مان چئن آفيسرن کي هٽايو ويو،

جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اسان نيب سان وي آر ڪندڙ آفيسرن جي ڳالهه نه پيا ڪريون، عدالتي حڪم جَي ابتڙ مقرري ٿي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿيندي

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔