سنڌ حڪومت جو ڪارنامو، 12 لک کان وڌيڪ ذخيرو ڪيل فائزر ويڪسين ضايع ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي:سنڌ حڪومت فائزر ويڪسين جا 12 لک کان وڌيڪ ذخيرو پيل ڊوز استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي.

آمريڪي ڪمپني پاران ٺاهيل فائزر ويڪسين جديد تحقيق جي مدد سان تيار ڪيل آر اين اي ٽائيپ ويڪسين آهي ۽ فائزر ويڪسين ڪورونا وبا کان بچاءُ ۾ 95 سيڪڙو اثر رکي ٿي.

تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ويڪسين اچڻ کان پوءِ دنيا جي مختلف ملڪن پهرين مرحلي ۾ چائينيز ويڪسين جي مقابلي ۾ آمريڪي ڪمپني جي ٺاهيل فائزر ويڪسين کي ترجيع ڏني وئي هئي.

پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي آيل ويڪسين سنڌ حڪومت حوالي ٿيڻ بعد سنڌ جي صحت کاتي فائزر  ويڪسين جو استعمال ڪرڻ بجاءِ ذخيرو ڪرڻ تي زور ڏنو.

سنڌ ۾ فائزر ويڪسين جا 12 لک کان وڌيڪ ڊوز استعمال نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري لکين ڊوز مدي خارج ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو.

صحت کاتي جي اختيارين پاران صوبي جي سمورن ڊي ايڇ اوز کي فائزر ويڪسين جو استعمال تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي پر فائزر جا لکين ڊوز ايڪسپائر ٿيڻ جي ويجهو آهن

 ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي فائزر ويڪسين رڳو من پسند ماڻهن کي لڳائي وئي ۽ سنڌ سرڪار ويڪسين جي مخصوص ڪولڊ چين کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام رهي.

سنڌ حڪومت جي ناڪامي سبب ضلعن ۾ ويڪسين جي فراهمي ۾ دير ٿي ۽ ويڪسين جي شروعات ۾ آيل خوراڪون مدي خارج ٿيڻ جي خدشي سبب ضلعي ھيلٿ آفيسرن کي سخت هدايتون جاري ڪيون ويون  ان باوجود فائزر ويڪسين ماڻهن کي نه لڳائي وئي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔