سڌارت شڪلا جو موت دل جي دوري سان نه ٿيو، نئون انڪشاف

ممبئي: جڳ مشهور ڀارتي شو بگ باس جي 13 سيزن جو فاتح سڌارت شڪلا کي ڪجهه ڏينهن اڳ بيهوشي واري حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي.
ڊاڪٽرن جي شروعات جاچ موجب سڌارت شڪلا جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي.
پوليس سڌارت شڪلا جي موت جو حادثي ڪيس به داخل ڪري ورتو هو.
ٻئي پاسي اهي به خبرون آيون هيون ته سڌارت شڪلا جي موت جي خبر ٻڌندي ئي سندس ساٿي اداڪارا شهناز گِل پنهنجا هوش وڃائي ويٺي هئي.
ان حوالي سان هاڻي باليووڊ جي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت سڌارت شڪلا جي موت تي شڪ ظاهر ڪيو آهي.
رپورٽن موجب اداڪار جي طبيعت رات جو خراب ٿي هئي جنهن کانپوءِ هو دوا کائي ننڊ لاءِ سمهي رهيو هو پر صبح ٿيڻ تي هو جاڳي نه سگهيو.
راکي ساونت پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو بيان شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هوءَ سڌارت شڪلا جي موت تي شڪ جو اظهار ڪري رهي آهي.
اداڪارا دعويٰ ڪئي آهي ته سڌارت جي موت جهورَي وڌو آهي پر هاڻي ئي خبر پئي آهي ته ان کي دل جو دورو نه پيو هو، جيڪڏهن کيس دل جو دورو نه پيو ته پوءِ سندس موت ڪيئن ٿيو؟
هن دعويٰ ڪندي وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽرن چيو آهي ته سڌارت جو موت دل جو دورو پوڻ سبب ناهي ٿيو.
راکي ساونت چيو ته مان تمام گهڻي ڊنل آهيان سڌارت جي بي ايم ڊبليو جو شيشو به ٽوڙيو ويو هو، هن جو ڪنهن سان جهيڙو ٿيو هو؟ مرڻ واري رات سڌارت ڪنهن سان ملڻ ويو هو ۽ واپس ايندي پنهنجي والده کي چيو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ ناهي، پوءِ رات جو 3 وڳي طبيعت خراب ٿيڻ جي دانهن ڪئي ۽ دوا کاڌي، اها ڪهڙي دوا هئي؟
هن اها به دعويٰ ڪئي ته سڌارت جو جهيڙو بلڊنگ ۾ ٿيو هو، ڇا انتي ڪو دٻاءُ هو يا جهيڙو ٿيو؟ سڀ ماڻهو اهو ڄاڻڻ چاهين ٿا.
واضح رهي ته 2 سيپٽمبر تي 40 سالن جو سڌارت شڪلا ممبئي ۾ پنهنجي رهائش گاهه تي مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، ان جي موت تي ممبئي پوليس ”حادثاتي موت“ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔