مصباح ۽ وقار جي ويندي ئي عامر ٽيم ۾ واپسيءَ لاءِ تيار

لاهور : مصباح الحق ۽ وقار يونس جي ڪوچنگ عهدن تان هٽندي ئي فاسٽ بالر محمد عامر عالمي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ تيار ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ هيڊ ڪوچ مصباح الحق ۽ بالنگ ڪوچ وقار يونس اوچتو پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، انهن جي جاءِ تي ثقلين مشتاق ۽ عبدالرزاق عارضي طور ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندا.
هاڻ ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر محمد عامر ٽيم ۾واپسيءَ لاءِ تيار آهي، ان ڏس ۾ هو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهه ٻولهه ڪندو.
واضح رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ محمد عامر پنهنجي يوٽيوب اڪائونٽ تي تقريبن 15 منٽن جي ويڊيو ۾ ٻڌايو هو ته رٽائرمينٽ جو فيصلو جذباتي هو پر سوچي سمجهي اهو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو احسان ماني ۽ وسيم خان سان ڪو اختلاف ناهي پر رٽائرمينٽ جو سبب ٽيم مئنيجمينٽ جو رويو آهي، مان مصباالحق ۽ وقار يونس جي هوندي ٽيم ۾ نٿو رهي سگهان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔