اسلام آباد: سموري ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 101 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ جي لاءِ 53 هزار 637 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3559 مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي.
گذريل ڏينهن هن وبا وڌيڪ 101 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته هاڪاري ڪيسز جي شرح 6.63 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
سموري ملڪ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو گڏيل انگ 25 هزار 889 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 11 لک 63 هزار 688 ٿي ويو آهي