عوام مٿان ناجائز۽ نااهل حڪومت کي مڙهيو ويو آهي، سمورين پارٽين جو گڏ ٿيڻ ضروري آهي: مريم نواز

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مفاهمت ته پري حڪومت سان هاڻ ڳالهيون به نه ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس فيصلي جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي دوران مريم نواز عدالت ۾ پيش ٿي.

مريم نواز جي دير سان پهچڻ ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن کي سلام چوڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن جي خلاف مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر جي اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.

مريم نواز جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ دير سان پهچڻ ۽ وڏي آواز ۾ ماڻهن کي سلام چوڻ تي عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. عدالت سڳوري ريمارڪس ڏنا ته پهريان نيب جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست نه ٻڌي رهيا هئاسين. پر هاڻ لڳي ٿو ٻڌڻ گهرجي. جنهن کي اها  به خبر نه آهي ته عدالت ۾ ڪيئن اچبو آهي ۽ ان جو تقدس ڇا آهي ته ان جي ضمانت ڇو نه رد ڪريون؟ جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي مريم نواز چيو ته عوام مٿان ناجائز ۽ نااهل حڪومت کي مڙهيو ويو آهي. ملڪ جي تاريخ ۾ ايتري نااهل حڪومت ڪڏهن به نه آئي آهي. هي حڪومت جي 3 سالن جي ڪارڪردگي نه پر تباهي جي وڏي داستان آهي. ملڪ ۾ لاقانونيت آهي، جڳهه جڳهه تي عورتن سان زيادتي جا واقعا ٿي رهيا آهن. ڪنهن به ملڪ ۾ ٽن سالن دوران ڪنهن شيءَ جي سستي ٿيڻ جي خبر ٻڌي. حڪومت جيڪو حال عوام جو ڪيو آهي ان سان مفاهمت ڪئين ٿي سگهي ٿي. چاهيون ٿا ته هن حڪومت مان عوام جي جلد جان ڇٽي.

مريم نواز چيو ته مفاهمت ته پري حڪومت سان هاڻ ڳالهيون به نه ڪرڻ گهرجن. ملڪ ۾ ظلم جي حڪومت آهي. هن ناجائز ۽ مڙهيل حڪومت جو احتساب نه انتقام آهي. هن حڪومت جي انتقام جي اڳيان پيش ٿيڻ ڪابه عقملندي نه آهي. نوازشريف مٿان جيڪو قرض هو ان کان وڌيڪ ڀڳٽي ويو آهي. هن 3 سال سياسي انتقام ۽ سزائون ڀوڳيون آهن.

مريم نواز وڌيڪ چيو ته نوازشريف ملڪ واپس ضرور ايندو. جڏهن(ن) ليگ کي لڳندو ته نوازشريف کي واپس اچڻ گهرجي ته هو واپس ايندو ۽ پارٽي جي اڳواڻي ڪندو. قومي حڪومت بابت شهباز شريف جي بيان جي حوالي سان مريم نواز چيو ته شهباز شريف قومي حڪومت جي نه پر قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪئي آهي. باقي سياسي پارٽين کي سوچڻ گهرجي ته ملڪ کي ڪيئن اڳيان کڻي وڃڻو آهي.

سمورين پارٽين کي حڪومت جي خلاف گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي پٽ جنيد صفدر جي شادي بابت مريم نواز چيو ته منهنجو هڪ ئي پٽ آهي جنهن جي نڪاح جي لاءِ ٻاهر وڇڻ جي حڪومت کان اجازت نه گهري هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔