سنڌ هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪري بي عزتي ڪئي وئي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري افغانستان صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس سڏائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل جي گهر، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته افغانستان تي طالبان جي قبضي بعد پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر اُڀري سگهي ٿي، داسو ڊيم ۽ ڪراچي ڌماڪي بعد غلطي جي گنجائش ناهي رهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته پيپلز پارٽي ۽ فوج جو دهشتگردي خلاف موقف ڪليئر آهي، وزير اعظم ڪنفيوزن جو شڪار آهي، افغانستان صورتحال سبب پناهگيرن جو مسئلو ٿي سگهي ٿو، حڪومت پنهنجي پاليسي واضح ڪري. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو تھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرر ڪري سندس بي عزتي ڪئي وئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته غلط فيصلا ڪري عدليه کي تڪراري نه بڻايو وڃي، جسٽس احمد علي شيخ جي ايڊهاڪ جج طور مقرري جي فيصلي سان بيچيني جي صورتحال آهي، عمران حڪومت نه رڳو سنڌ پر سمورن صوبن سان ناانصافي ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔