آمريڪا جو روسي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

آمريڪا روس جي 24 سفارتڪارن جي ويزا جو مدو وڌائڻ کان انڪار ڪندي کين 3 سيپٽمبر تائين ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روس جي سفير اناتولي آنتونوف ٻڌايو ته 24 سفارتڪارن جي ويزا جو مدو ختم ٿيڻ بعد 3 سيپٽمبر تائين آمريڪا ڇڏڻ جو چيو ويو آهي.
برطانوي ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ روس جي آمريڪا ۾ سفير اناتولي آنتونوف وڌيڪ ٻڌايو ته تقريبن سڀئي سفارتڪار ڪنهن متبادل کان سواءِ آمريڪا کان واپس پنهنجي ملڪ وڃڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
روسي سفير آمريڪي قدم کي جوابي ڪارروائي قرار ڏيندي الزام لڳايو ته آمريڪا بلاجواز امتيازي رويو رکي رهيو آهي، اوچتو ئي ويزا جاري ڪرڻ جي عمل سخت بڻايو ويو آهي.
ٻي پاسي جي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس روسي سفير جي الزام کي رد ڪندي چيو ته نهاها انتقامي ڪارروائي آهي نه ئي ان ۾ ڪجهه نئون آهي، روسين کي 3 سالن کان پوءِ ويزا جي مدي ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏيڻي هوندي آهي جن تي جاچ بعد فيصلو ڪيو ويندو آهي.
پر آمريڪي ترجمان اهو واضح نه ڪيو ته 24 سفارتڪارن جي ويزا جي تجديد لاءِ درخواستن ۾ اهڙو ڇا هو جو سڀ درخواستون گڏ رد ڪيون ويون.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سلسلو ڪيترن ئي ورهين کان جاري آهي پر نئين آمريڪي صدر جو بائيڊن جي 16 جون تي روسي صدر والادي مير پوتن سان ملاقات ٿي هئي جنهن کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ گھٽتائي جو امڪان پيدا ٿي ويو هو پر ٻنهي وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔