وفاقي سرڪار جو راڻا ثناءُ الله خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد : وفاقي سرڪار نواز ليگ ايم اين اي راڻا ثناءُ الله خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته راڻا ثناءُ الله حڪومتي آفيسرز کي ڌمڪي ڏني ۽ انتهاپسندي واري ٻولي استعمال ڪئي، ڪنهن کي به سرڪاري آفيسرز کي ڌمڪيون ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي،

راڻا ثناءُ الله متحده لنڊن جي باني ۽ مذهبي انتهاپسندن جي ٻولي استعمال ڪئي هئي، ملڪ ۾ پيدا ٿيل فتني کي حڪومت بهتر نموني منهن ڏنو،

سيڪيورٽي ادارن فتني کي ناڪام بڻايو، پاڪستان جي رياست ڪمزور نه آهي ۽ رياستي رٽ کي ڪنهن به صورت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي، راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جهانگير ترين آئين ۽ قانون موجب پنهنجي خلاف ڪيس وڙهندو، بابر اعواڻ ۽ عليم خان به استعيفيٰ ڏئي پنهنجي خلاف ڪيس وڙهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔