اسلام آباد ۾ ڪورونا جا رڪارڊ ڪيس، اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز مڪمل ڀرجي ويا

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ مقرر ٽن اسپتالن ۾ آڪسيجن بيڊز مڪمل ڀرجي ويا.ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اسلام آباد موجب وفاقي راڄڌاني ۾ ڪورونا مريضن جي لاءِ مختص اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز ڀرجي ويا جنهن کان پوءِ هاڻ اسپتالن ۾ وڌيڪ گنجائش نه آهي. جڏهن ته ڪورونا مريضن جي علاج لاءِ 15 سرڪاري ۽ نجي اسپتال مختص ڪيا ويا آهن. ڊي ايڇ اي جو چوڻ آهي ته پمز ۾ 163 آڪسيجن بيڊز ۾ 120 ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا.جڏهن ته مختلف بيمارين جي لاءِ قائم آءِ ايڇ آءِ ٽي سي اسپتال ۾ 70 آڪسيجن بيڊز مان 50 تي ڪورونا مريض آهن اهڙي طرح پولي ڪلينڪ اسپتال ۾ 27 آڪسيجن بيڊز مان2 4، سي ڊي اسپتال مان 43 آڪسيجن بيڊز مان 32 تي ڪورونا جا مريض آهن.ڊي ايڇ او ٻڌايو آهي ته شهر ۾ ڪورونا مريضن جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ گذريل ڏينهن به 856 ڪورونا جا هاڪاري ڪيس رپورٽ ڪيا ويا جيڪي رڪارڊ ڪيسز آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔