پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿي ويس: ڀارتي پائليٽ اڀينندن

ڪراچي : فيبروري 2019ع تي آپريشن سوئيفٽ رِٽارٽ دوران گرفتار ٿيل ڀارتي پائليٽ اڀينندن چيو آهي ته پاڪ فوج جي بهادري مان تمام گهڻو متاثر ٿي ويس، امن ناهي هوندو ته جنگ ٿيندي آهي، اسان کي خبر ناهي ته ڪشميرين سان ڇا ٿي رهيو آهي، ڪشمير مامري تي سڪون سان سوچڻو پوندو، پاڪ فوج طرفان 27 فيبروري 2019ع تي آپريشن سوئيفٽ رِٽارٽ دوران گرفتار ٿيل ڀارتي پائليٽ اڀينندن جو خصوصي بيان جاري، ڀارتي پائليٽ اڀينندن چيو ته فضا کان ٻنهي ملڪن ۾ ڪوبه فرق نظر نه آيو، پيراشوٽ مان ڪرڻ بعد خبر نه هئي ته پنهنجي ملڪ ۾ آهيان يا پاڪستان ۾ آهيان، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪجهڙا نظر اچي رهيا هئا، ماڻهو مون کي پڪڙڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته پاڪ فوج جي 2 جوانن بچائي ورتو ۽ پنهنجي يونٽ وٺي ويا، جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ اُتي مون کان جاچ ٿي، پاڪستان ڀارتي پائليٽ کي خير سگالي طور آزاد ڪري ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔