اسلام آباد: ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 1615 ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي وئي آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 1615 ڄڻن ۾ ڪورونا وبا جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 26 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 33.493 آهي پر ڪورونا جا 5 لک 1 هزار 252 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 5 لک 46.420 گڏيل ڪورونا جا ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.
اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 34.785 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ملڪ ۾ ڪورونا سبب هن وقت تائين 11.683 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.