پرڏيهه مان پاڪستان ايندڙن جي لاءِ نئون سفري هدايتنامو جاري

اسلام آباد: سول ايوي ايشن اٿارٽي پرڏيهه مان پاڪستان ايندڙ مسافرن جي لاءِ نئون سفري هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. 

سول ايوي ايشن اٿارٽي ڪورونا ايس او پيز تحت ملڪن کي 3 ڪيٽيگريز ۾ ورهائي ڇڏيو آهي جن ۾ ڪيٽيگري اي ۾ آسٽريليا، چين، عراق، نيوزيلينڊ، قطر، آئس لينڊ، سريلنڪا ۽ سعودي عرب سميت 24 ملڪ شامل آهن.

سي اي اي موجب ڪيٽيگري اي جي مسافرن جي لاءِ ڪورونا ٽيسٽ ڪرائڻ لازمي نه هوندو البته ڪيٽيگري(بي) ۾ شامل ملڪن جي مسافرن جي لاءِ 72 ڪلاڪ اڳ جون ٽيسٽ رپورٽون لازمي قرار ڏنيون ويون آهن.

جڏهن ته ڪيٽيگري بي ۾ اهي ملڪ شامل آهن جيڪي ڪيٽيگري اي ۽ سي ۾ موجود ناهن. سي اي اي موجب ڪيٽيگري سي ۾ 6 ملڪ شامل آهن جن ۾ ڏکڻ آفريقا، برطانيه، برازيل، آئرلينڊ، پرتگال ۽ نيڊر ليڊ آهن.

جڏهن ته ڪيٽيگري سي ۾ شامل ملڪن جي مسافرن جو اچڻ  اين سي او سي جي اجازت سان مشروط آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔