ثابت ٿي وڃي ته هڪ واپاري به نيب جي ڊپ کان ملڪ ڇڏيو ته گهر هليو ويندس: جاويد اقبال

اسلام آباد: نيب چيئرمين جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن.

رياست هميشه قائم رهندي. ڪنهن شعبي ۾ بنا ڪنهن سبب جي مداخلت ناهي ڪئي. ثابت ٿي وڃي ته هڪ واپاري به نيب جي ڊپ سبب ملڪ ڇڏيو ته گهر هليو ويندس. پنج سئو جي جڳهه تي پنج لک روپين جي خرچ  ڪرڻ جو پڇيو ته ڪهڙو غلط ڪيو، احتساب جي شفاف عمل تي يقين رکون ٿا.

نيب چيئرمين جاويد اقبال صنعتڪارن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ اربين ڊالر جو قرضي آهي. اربين روپيه ريڪور ڪري حڪومتي ناڻي ۾ جمع ڪرايا. واپارين جي شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو.  هن وڌيڪ چيو ته نيب چيئرمين جو عهدو عوام جي خدمت لاءِ آهي. معيشت مضبوط هوندي ته ملڪ مضبوط هوندو. واپارين جي سرمائيڪاري سبب لکين ماڻهن کي روزگار ملندو آهي. ڪنهن سرمائيڪار کان اهو ناهي پڇيو ته اوهان سرمايو ڪٿان آندو.

جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته هڪ صورت ۾ ضرور پڇيو جيڪڏهن اوهان مني لانڊرنگ ڪئي. سڄي ملڪ ۾ ڪٿي نظر ناهي آيو ته اربين ڊالر ڪٿي خرچ ٿيا. حڪومت ۽ پاڪستان جي رياست ۾ واضح فرق آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سازگار ماحول سان ئي ملڪ ۾ سرمائيڪاري ايندي آهي. سيڪيورٽي فورسز جي قربانين سبب امن امان بحال ٿيو. بدعنواني کي ڏسي نيب اکيون بند نٿو ڪري سگهي. عوام ريئل اسٽيٽ ۾ سرمائيڪاري سوچي سمجهي ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔