علي ظفر خلاف مهم ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت ٻيا ڏوهي قرار

لاهور :وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪندي گلوڪارا ميشا شفيع ۽ اداڪارا عفت عمر سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.
ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جنهن ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏيندي انهن خلاف عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ لاهور طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل عبوري چالان ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي حڪم تي علي ظفر جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 8 ڄڻا علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم ۾ ملوث نڪتا.
چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي جنسي هراساني جا الزام هنيا پر جاچ ۾ اهي ڪي شاهديون پيش نه ڪري سگهيا.
ايف آءِ اي اپيل ڪئي آهي ته عدالت عبوري چالان تي ڪارروائي شروع ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔