تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻوڪري ويو

لاهور :تحريڪِ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻو ڪري ويو. خادم حسين رضوي ڪجهه ڏينهن اڳ فرانس خلاف فيض آباد ۾ ڌرڻي جِي قيادت ڪئي هئي، جنهن دوران کيس بخار ٿيو هو. خادم حسين رضوي جِي طبيعت خراب ٿيڻ بعد کيس لاهور جِي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس مڙهه اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويو، جتي ٽي ايل پي جا ڪارڪنن به وڏي انگ ۾ پهتا. خادم حسين رضوي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه هو، سندس واسطو اٽڪ ضلعي سان هو، 22 جون 1966 ۾ پيدا ٿيو هو.  پاڪستان علماءَ ڪائونسل جَي سربراهه علامه طاهر اشرفي، خادم حسين رضوي جَي لاڏاڻي تي افسوس ظاهر ڪندي سندس وڇوڙَي کي سانحو قرار ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔