پشاور ۾ دهشتگردي جو واقعو: اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

اسلام آباد: پشاور جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي.

آءِ جي اسلام آباد عامر ذوالفقار وفاقي گادي واري شهر جي اچڻ وڃڻ وارن رستن تي چيڪنگ سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ان کان علاوه اسلام آباد جي ريڊ زون سميت ٻين سرڪاري ۽ غير سرڪاري اهم عمارتن جي سيڪيورٽي به سخت ڪئي وئي آهي.

آءِ جي پنجاب انعام غني به پشاور ڌماڪي کان پوءِ سڄي صوبي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي سمورن پوليس آفيسرن کي حساس هنڌن ۽ عبادتگاهن سميت عوامي هنڌن جي سيڪيورٽي وڌائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.  هوڏانهن سنڌ جي آءِ جي  سڄي  سنڌ ۾ الرٽ رهڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

آءِ جي سنڌ پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته صوبائي سطح تي سيڪيورٽي جا انتظام وڌيڪ سخت ڪيا وڃن. پوليس پيٽرولنگ، پڪنڪ، اسنيپ ۽ چيڪنگ کي سخت ڪيو وڃي.

آءِ جي سنڌ ايس پيز، ڊي ايس پيز، ايڇ اوز کي پنهنجي موجودگي بنائيندي مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين هنڌن تي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔