گرفتاريون اهميت نٿيون رکن، آخري آپشن استعيفائون هوندو: يوسف رضا گيلاني

ڪراچي : اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته نيب جون مخالف ڌر خلاف ڪارروايون انتقام تي ٻڌل آهن، اپوزيشن وٽ استعيفائن سميت سمورا آپشن موجود آهن، اپوزيشن خلاف نيب ڪاررواين تي حڪمت عملي جوڙي ويندي، استعيفائن وارو آخري آپشن هوندو.ڪراچي جي وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ ٻين جوابدارن خلاف ٽڊاب ڪرپشن ڪيسز جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻو وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پيش ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش نه ٿيڻ تي عدالت ٻڌڻي ڏيڍ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته نيب جون مخالف ڌر خلاف ڪارروايون انتقام تي ٻڌل آهن، اپوزيشن وٽ استعيفائن سميت سمورا آپشن موجود آهن. هن چيو ته نيب کان ڊڄڻ وارا ناهيون، منهنجو وارو ته اڳ ئي اچي چڪو آهي، گرفتاريون اهميت نٿيون رکن. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته اپوزيشن خلاف نيب ڪاررواين تي حڪمت عملي جوڙي ويندي، گرفتاريون اهميت نٿيون رکن، استعيفائن وارو آخري آپشن هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔