سليڪٽيڊ وزير اعظم ملڪي معيشت کي اڏوهي جيان کاهي پيو: نفيسه شاهه

اسلام آباد: پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته سليڪٽيڊ وزير اعظم ملڪ جي معيشت کي اڏوهي جيان کاهي رهيو آهي،نالائق وزير اعظم قوم کي وڌيڪ 35 هزار ارب رپين جو قرضي بڻائي ڇڏيو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت ٻن سالن ۾ 10 هزار 865 ارب رپين جو پرڏيهي قرض ورتو. هن چيو ته مقامي طور تي به قوم کي 23 هزار 392 ارب رپين جو قرضي بڻايو،ڪٿي آهن اهي 200 ارب ڊالر؟ عمران خان قوم کي جهڙتي ڏيڻ ڏئي. نفيسا شاهه چيو ته قوم پڇي ٿي ته هي پئسا ڪهڙي اي ٽي ايم ۾ هليا ويا؟. هن چيو ته وفاق جي ڪنٽرول ۾ سرڪاري اسپتالن ۾ ڊسپرين به نٿي ملي،انساني حياتيون بچائيندڙ دوائون عوام خريد ڪري نٿو سگهي،صحت ڪارڊ به عوام سان سفاڪانا مزاق آهي. هن چيو ته سياسي نابينائن ملڪ کي اوندهه ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔