وزيراعظم جنرل اسيمبلي خطاب ۾ اهم معاملن تي موقف پيش ڪيو: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد: پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ ،وزير اعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب بابت چيو آهي ته وزير اعظم اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن بابت پاڪستان جو موقف تفصيل، بهادري ۽ ڏاهپ سان پيش ڪيو. جاري ڪيل بيان ۾ ترجمان چيو ته وزير اعظم مديني جي رياست جي طرز تي نئين پاڪستان جي اڏاوت جي پنهنجي حڪومت جي ويزن کي بيان ڪيو. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار کي تفصيل ۽ دليلن سان پيش ڪيو، ڀارتي اڳرائي ۽ رياستي دهشتگردي ، ڪشميرين جي حقن ۽ ريفرنڊم جو واعدو پورو ڪرڻ تي زور ڀريو. ترجمان چيو ته وزير اعظم فلسطين، افغان عمل، اسلامو فوبيا، ڪرونا، موڙي جي غير قانوني اثرن ۽ ان جي حل تي کُلي ڪري ڳالهايو. …

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔