واشنگٽن؛ آمريڪي ماهرن جي نئين تحقيق مطابق ڪورونا وائرس جي خلاف ماسڪ کي هڪ قسم جي خام ويڪس قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ، ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي محققن چهري جي ماسڪ تي تحقيق ڪئي جنهن ۾ حيران ڪندڙ نتيجا سامهون آيا ، اها ريسرچ طبي جرنل نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ شايع ٿي آهي.
رپورٽ مطابق ، تحقيق کانپوءِ ماهرن ٻڌايو ته فيس ماسڪ ڪوڊ 19 جي خلاف ويڪسين جهڙو اثر رکي ٿو ، ماسڪ وائرس جي ذرات کي فلٽر ڪري ٿو ۽ ان جي شرح کي ايترو گهٽائي ڇڏي ٿو جو اها وبا انساني جسم ۾ داخل ٿئي به ته اها گهٽ اثرائتي ٿي وڃي ٿي.