اسلام آباد: ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي اپيل تي اڄ اسلام آباد جي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي جڏهن ته ڀارت پاران ان معاملي تي هن وقت تائين ڪو جواب نه ڏنو ويو آهي .
ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومتي درخواست ڪيس تي ميڊيا رپورٽنگ بابت پيمرا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرايو هو .
جواب ۾ چيو ويو آهي ته عدالت فيئر ٽرائل کي ڏسندي ميڊيا رپورٽنگ ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ جي هدايت ڪئي ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت جي حوالي سان سڀني چينلن کي آگاهه ڪيو ويو آهي .