مودي سرڪار بالي ووڊ هيروز کي يرغمال بڻائي ڇڏيوآهي: ڀارتي صحافي

نئين دهلي: ڀارتي صحافي انڪشاف ڪيو آهي ته ڀارتي انتها پسند مودي سرڪار هيروز سميت پوري بالي ووڊ کي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي .

ڀارتي صحافي ۽ لکاري سواتي چترويدي پنهنجي تازي آرٽيڪل ۾ لکيو آهي ته انتها پسند مودي سرڪار بالي ووڊ جي طاقت کي چڱي ريت ڄاڻي ٿي، دنيا ۾ ڀارت لاءِ نرم گوشو پيدا ڪرڻ ۾ بالي ووڊ جي ستارن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي .

هن چيو ته بالي ووڊ ستارن مان جيڪو مودي سرڪار جي موقف جي حمايت نه ٿو ڪري ان خلاف ڀارتي جنتا پارٽي ( بي جي پي) پاران مظاهرا شروع ڪرايا ويندا آهن .

ناليواري صحافي لکيو آهي ته بي جي پي جي ايجنڊا واضح آهي ته بالو ووڊ جي ستارن کي هر حال ۾ پاڻ سان ملايو وڃي ته جيئن چونڊ واري سياست تي اثر انداز ٿي سگهجي پر جي ڪو ساٿ نه ڏئي ته ان جي پويان سوشل ميڊيا جي فوج ڇڏي ويندي آهي جيڪا تهذيب جو پلئه ڇڏي گارين تي لهي ايندي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔