آصف زرداري ۽ نوازشريف جون گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جي درخواست ملتوي

اسلام آباد: احتساب عدالت آصف زرداري ۽ نوازشريف جي توشه خانه مان حاصل ڪيل گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جي نيب جي درخواست تي ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

نيب توشه خانه کان حاصل ڪيل آصف زرداري جي 3 گاڏين جي ملڪيت منجمد ڪري رکي آهي جنهن ۾ 2 بي ايم ڊبليو ۽ هڪ ليڪسز شامل آهي. جڏهن ته نوازشريف جي توشه خانه مان ورتل مرسڊيز گاڏي جي ملڪيت منجمد ڪئي وئي آهي.

نيب توشه خانه مان حاصل ڪيل گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ جي لاءِ عدالت  سان رابطو ڪيو آهي جنهن تي عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي سمورين گاڏين جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر احتساب عدالت جو جج گرمي جون موڪلون هجڻ سبب ٻڌڻي کان سواءِ ئي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي هئي.

آصف زرداري ۽ نوازشريف مٿان توشه خانه کان غيرقانوني طور تي گاڏيون حاصل ڪرڻ جو الزام آهي ۽ ان بابت نيب ريفرنس جي ٻڌڻي اڳ ئي 17 آگسٽ تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي. عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني سميت سمورن جوابدارن  کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري رکيو آهي.

توشه خانه ريفرنس ۾ عدالت نوازشريف جي لاڳيتو غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪري رکي آهي. جڏهن ته آصف زرداري جي غير حاضري تي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔