براؤزنگ خاص خبرون

خاص خبرون

وزير اعظم عمران خان سکر ۾ ڪامياب نوجوان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو

سکر : وزير اعظم عمران خان ڪامياب نوجوان پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سنڌ لاءِ 446 ارب رپين جي ميگا ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو، ترقياتي منصوبن ۾ 306 ڪلو ميٽر سکر-حيدرآباد موٽر وي به شامل آهن، وزير اعظم پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن سان

ڪراچي جي وڌيڪ ٻن طبي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اجازت

ڪراچي : نيشنل ڪمانڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪراچي جي ٻن طبي مرڪزن کي ڪورونا ويڪسينيشن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ذريعن موجب، اين سي او سي جي طرفان انڊس اسپتال ۽ ٽبا هارٽ انسٽيٽيوٽ کي ڪورونا ويڪسين لڳائڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن کانپوءِ

ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي: شيخ رشيد

راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڇيو آهي ته ڪنهن جٿي کي رياست کي يرغمال بڻائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، وفاقي گهرو وزير شيد رشيد سي ايم ايڇ او ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتال راولپنڊي جو دورو ڪيو، جتي هُن مظاهرن ۾ تشدد سبب زخمي ٿيندڙ پوليس

قومي اسيمبلي جواجلاس،ن ليگ جي ميمبرزپاران جبري طورمذهب تبديلي خلاف احتجاج

اسلام آباد: قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته ن ليگ جي ميمبرز پاران جبري طور مذهب تبديلي خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ ايوان ۾ خطاب ڪندي کيهل داس جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ جبري طور مذهب تبديل ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، لاڙڪاڻي ۾ 20 ورهين جي ناري

سون جي اگهه ۾ في تولو 100 رپيا واڌ، ڊالر ۾ 10 پئسن جي لاٿ

ڪراچي : سون جي اگهه ۾ في تولي تي 100 رپيا واڌ ٿي وئي ، ڊالر ۾ 10 پئسن جي لاٿ ٿي وئي، ان ڏس ۾ ڪراچي صرافه بازار ۾ سون 100 رپين جي اضافي سان 102700 مان 102800 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا واڌ سان 1330 مان 1350 رپيا/ڏسو صفحو 8

پ پ ايم پي اَي فريال ٽالپر، ناصر شاهه، سهيل انور سيال ۽ منظور وساڻ جي نااهلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ…

اسلام آباد : پ پ ايم پي اَي فريال ٽالپر، ناصر شاهه، سهيل انور سيال ۽ منظور وساڻ جي نااهلي بابت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جسٽس عمر عطا بنديال جِي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 23 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري

مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف وچ ۾ فون تي ڳالهيون، حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ تي صلاح مشورا

اسلام آباد : پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پيپلزپارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي پي ڊي ايم مان نيڪالي بعد پيدا ٿيل صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون، ذريعي موجب، مولانا فضل رحمان ۽ نواز

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيو، ڪارروايون

ڪراچي : سنڌ جي مختلف شهرن ۾ لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿيو، دڪان کليل نظر اچڻ لڳا، ٺارو شاهه، منهڙو، قاضي احمد،محرابپور ۾ پوليس پاران دڪان بند ڪرايا ويا، ڏوڪري ۾ دڪان ۽ مارڪيٽون کليل، محرابپور ۾ لاڪ ڊائون تي عمل نه ڪرڻ تان ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا.

سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي 11 کان 3 وڳي تائين بند رکڻ جو فيصلو

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي 11 کان 3 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي . پي ٽي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز 11 کان 3 وڳي تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ

سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي بدستور پيهه برقرار، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام

ڪراچي : سنڌ ۾ احساس ڪفالت سينٽرز تي بدستور پيهه برقرار آهي ، انتظاميا ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي . حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، خيرپور، سکر، گهوٽڪي، مديجي، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ سينٽرز ٻاهران وڏي انگ ۾ عورتون پهتل آهن ،