ڪراچي: شام جي هڪ عدالت اڱاري ڏينهن اڳوڻي حڪمران بشار الاسد کي غيرحاضري ۾ موت جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته کيس ملڪ جي گهرو ويڙهه دوران ”جنگي ڏوهن“ ۽ ”انسانيت خلاف ڏوهن“ جي الزامن ۾ ڏوهي قرار ڏنو ويو.
بشار الاسد ڊسمبر 2024ع ۾ باغين جي دمشق ڏانهن اڳڀرائي دوران پنهنجي خاندان سان گڏ روس جي گاديءَ واري شهر…
مزید پڑھیں ...
مصنف
ويب ڊيسڪ 24938 پوسٹس 0 تبصرے
ڪراچي: آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي هڙتال چوٿين ڏينهن به جاري آهي جنهن جي ڪري عام واهپي وارين شين جون قيمتون وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعوان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ناهن ٿيون جنهن کان پوءِ هڙتال جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ملڪ…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني هم منصب عباسي عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ تازو ئي طئي ٿيندڙ مڪه دفاعي معاهدي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايراني هم منصب عباسي عراقچي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري تازو ئي…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: صدرِ مملڪت آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ اضافي ججن جي مقرري ۽ ڪجهه اضافي ججن جي مستقل ججن طور توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايوانِ صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري لاهور هاءِ ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اضافي ججن جي…
مزید پڑھیں ...
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ڪولمبيا ۾ آيل شديد زلزلي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني ۽ مالي تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام انهي المناڪ سانحي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي ڪولمبيا جي عوام ۽ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.
هن ڪولمبيا…
مزید پڑھیں ...
بوگوٽا: ڪولمبيا ۾ 7.4 شدت جي شديد زلزلي وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 164 ڄڻا فوت ۽ 570 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. اختيارين موجب اهو گذريل ڏهاڪي دوران ملڪ ۾ رڪارڊ ڪيل سڀني کان وڌيڪ طاقتور زلزلو آهي.
ڪولمبيا جي ايسوسيئيشن آف ڪيپيٽل سٽيز موجب زلزلي کان پوءِ فوتگين جو انگ…
مزید پڑھیں ...
ڄامشورو: شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊيزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو پاران پاڪستان جي 80 هين آزاديءَ جي ڏهاڙي جي جشن جي سلسلي ۾ ”قول“ جي عنوان سان هڪ منفرد آئوٽ ڊور آرٽ سرگرمي منعقد ڪئي وئي.
سيبس يونيورسٽي جي شاگردن، خاص طور تي ڊپارٽمينٽ آف ڪميونيڪيشن ڊيزائن جي شاگردن، ڪيمپس جي…
مزید پڑھیں ...
رياض: يمن جي ايران نواز حوثي گروپ سعودي عرب جي سرڪاري تيل ڪمپني آرامڪو جي جازان ريفائنري تي ڊرون حملي جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته سعودي اختيارين ريفائنري ۾ باهه لڳڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو آهي واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.
حوثي فوجي ترجمان يحيٰ سريع سوشل…
مزید پڑھیں ...
لاهور : ماسٽرز هاڪي ورلڊ ڪپ جي اهم مرحلي ۾ پاڪستاني ٽيم کي پنهنجي ٻئي ميچ ۾ به نهائيت بدترين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي.آئرلينڊ جي ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي 0 جي مقابلي ۾ 11 گولن جي وڏي مارجن تان هرائي ڇڏيو. ميچ دوران پاڪستان جو ليجنڊ اولم پيئن شهباز سينئر ۽ اولم پيئن خالد حميد به…
مزید پڑھیں ...
واشنگٽن: ايس ايل اي سي نيشنل ايڪسيليٽر ليبارٽري ۾ هڪ اهم ۽ انقلابي تجربي سائنسدانن کي اجازت ڏني آهي ته هو حيرت انگيز حد تائين مختصر وقت جي پيماني تي هڪ ماليڪيول اندر اليڪٽرانن جي حرڪت جو مشاهدو ڪري سگهن. هن تجربي مان معلوم ٿيو آهي ته ڪيميائي ردعمل جي بلڪل شروعاتي مرحلن ۾ اصل ۾ ڇا ٿيندو آهي؟…
مزید پڑھیں ...