ملو سڄي عمر وار نه ڪٽرائيندڙ ڀارتي پيرسن سان !!!

هندستاني رياست ڪرنا ٽڪا جي هڪ 95 سالن جي شهري جي دعويٰ آهي ته هن پنهنجي زندگي ۾ هڪ ڀيرو به وار ناهن ڪٽرايا۽ هاڻي هن جا وار 24 فٽ تائين پهچي ويا آهن.
غير ملڪي خبرن جي ايجنسي جي مطابق ، 95 ورهيه دودپاليا پنهنجي 24 فوٽن ڊگهي وارن جون تارون پنهنجي مٿي جي چوڌاري هڪ وڏي بال وانگر ڪپڙي سان بند ڪري رکيون آهن ۽ هن جا وار خراب الجهيل آهن.
95 ورهين جو انڊين پاڻ کي ديوتا سمجهي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي حيثيت وڃائڻ جي ڊپ کان پنهنجا وار ناهن ڪٽرايا.