ڍاڪا : بنگلاديش ۾ عورت پنهنجي پٽ کي گرل فرينڊ سان گڏ نيپال وڃڻ کان روڪڻ لاءِ جهاز ۾ بم جو ڪوڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب جمعي ڏينهن بنگلاديشي ايئر ٽريفڪ اختيارين کي فون تي اطلاع ڏنو ويو ته ڍاڪا کان نيپال ويندڙ بنگلاديش جي سرڪاري ايئر لائن بيمان ۾ بم آهي.
بم جي اطلاع تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ فوري طور تي اڏام کي روڪي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ 3 ڪلاڪن تائين جهاز جي تلاشي ورتي وئي پر ڪجهه نه مليو ۽ اڏام کي ڪليئرنس ملي ته جهاز مسافرن کي کڻي نيپال جي تخت گاهه کٽمنڊو پهچي ويو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪال ڪندڙ جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪيو ۽ جاچ کانپوءِ خبر پئي ته ماءُ پنهنجي پرڻيل پٽ کي گرل فرينڊ سان گڏ نيپال وڃڻ کان روڪڻ لاءِ جهاز ۾ بم جو ڪوڙو اطلاع ڏنو هو.
ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ عورت کي اطلاع مليو هو ته سندس پٽ پنهنجي گرل فرينڊ سان گڏ کٽمنڊو وڃي رهيو آهي، ان کي روڪڻ لاءِ عورت پٽ جي دوست جي مشوري تي جهاز روڪڻ لاءِ بم جو ڪوڙو اطلاع ڏنو پر جهاز جي ڪليئرنس ٿي ۽ عورت جو پٽ گرل فرينڊ سميت کٽمنڊو پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
پوليس بم جو ڪوڙو اطلاع ڏيندڙ عورت، سندس نُنهن ۽ پٽ جي دوست کي گرفتار ڪري ورتو ۽ انهن خلاف قانوني ڪارروائي پئي وڃي.