پشاور: پشاور هاءِ ڪورٽ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ نئين چونڊيل وڏي وزير کان حلف وٺڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر سرڪاري دوري تي ويل آهي اهو سڀاڻي 2 وڳي واپس ايندو. جنهن تي چيف جسٽس پڇيو ته ڪي پي ڪي جي گورنر حلف جي باري ۾ ڇا چيو؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته گورنر استعيفيٰ جي منظوري لاءِ علي امين گنڊاپور کي گهرايو آهي.
عامر جاويد چيو ته سڀاڻي گورنر جڏهن ايندو ته ٿي سگهي ٿو ته اهو استعيفيٰ منظور ڪري ۽ حلف وٺي، حڪومت وٽ جهاز به آهي جيڪڏهن جلدي سان جهاز اماڻيو ته هو رات جو اچي ويندو جنهن تي عدالت چيو ته ڇا گورنر پبلڪ فلائيٽ کان ايندو آهي، عامر جاويد ٻڌايو ته جي گورنر پبلڪ فلائيٽ تان سفر ڪندو آهي. جنهن کان پوءِ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.