نئين دهلي: ڀارتي رياست بهار جي شهر مظفرپور ۾ عجيب الخلقت ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي جنهن نه صرف مقامي ماڻهن کي پر ڊاڪٽرن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب تازي ڄاول ٻارڙي جا 2 مٿا، 4 هٿ ۽ 2 ٽنگون آهن جيئن ئي اها خبر پکڙجي اسپتال ۽ گهر تي ماڻهن جو هجوم لڳي ويو آهي، مقامي ماڻهن انهي کي قدرت جو ڪرشمو قرار ڏنو آهي
رپورٽ موجب شمسه خاتون جي نامل ڊليوري ٿي، 2 چهرن ۽ 4 هٿن واري ٻارڙي کي ڏسي سڀ ماڻهو ڪجهه دير جي لاءِ حيران ٿي ويا، ڊاڪٽرن موجب تازو ڄاول ٻارڙي کي اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ ۾ رکيو ويو آهي جتان انهي جي حالت تي نظر رکي پئي وڃي.
ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ ناياب ڪنجوائنڊ ٽوئنز جو ڪيس آهي جنهن ۾ رحم مادر ۾ جنين جي مڪمل ورهاست نه ٿي سگهندي آهي جنهن سبب ٻئي ايمبريو هڪ ئي جسم ۾ جڙيل رهنديون آهن اهو هڪ ناياب واقعو آهي جيڪو لکن ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي.
اسپتال انتظاميه موجب ماهرن جي هڪ ٽيم ٻارڙي جو چڱي ريت معائنو ڪري رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻارڙي جا ڪيترائي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيا ويندا ته جيئن اهو جانچ ڪري سگهجي ته انهي جسم جا ڪهڙا عضوا فعال آهن.