بيجنگ : چيني ڪمپني پنهنجي ملازمن کي ساليانو بونس ڏيڻ لاءِ عجيب شرط رکي ڇڏيو.
ڪمپني هر ملازم جو ساليانو بونس سندس جسماني فٽينس سان مشروط ڪندي چيو آهي ته جيڪو جيتري تيزي سان ڊڪندو، ان کي ايترو بونس ملندو.
ان حوالي سان ڪمپني جي چيئرمين چيو ته اسان چاهيون ٿا ملازم جسماني طور صحتمند رهن، اهي ملازم جيڪي هر مهيني 62 ميل ڊڪندا، انهن کي سندن پگهار جو 130 سيڪڙو بونس ملندو ۽ جيڪي ملازم هر مهيني 31 ميل ڊوڙندا، انهن کي سندن هڪ پگهار بونس طور ملندي.