گلگت بلتستان جو سرڪاري هيليڪاپٽر ڪري تباهه

گلگت : گلگت بلتستان جو هڪ سرڪاري هيلي ڪاپٽر چلاس جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي تصديق گلگت بلتستان حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق ڪئي.ترجمان موجب، هيلي ڪاپٽر فني خرابي سبب لينڊنگ جي ڪوشش دوران ڪري تباهه ٿيو، جنهن ۾ 2 پائلٽ ۽ 2 ٽيڪنيڪل اسٽاف سوار هئا.گلگت بلتستان جي وڏي وزير واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گلگت بلتستان جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.