حارث آئوٽ ٿيڻ تي ناراض ٿي بيٽ ٽوڙي ڇڏي

شارجه: ٽرائي سيريز ۾ يو اي اي خلاف ٻئي ميچ ۾ محمد حارث جلد آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ ڪاوڙ ۾ اچي بيٽ زمين تي هڻي ٽوڙي ڇڏي، شارجه ۾ کيڏيل ٽي 20 ٽرائي سيريز جي ميچ ۾ پاڪستان جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد حارث جو بيٽ ٽٽڻ وارو واقعي تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي.گڏيل عرب امارات خلاف ميچ ۾ محمد حارث صرف هڪ رن ٺاهڻ کان پوءِ محمد جواد الله جي هٿان ڪيچ ٿي ويو، آئوٽ ٿيڻ کان فوري پوءِ محمد حارث ڪاوڙ ۾ پنهنجو بيٽ زمين تي هنيو، هي منظر ڪئميرائن ۾ محفوظ ٿي ويو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو. واقعي تي مداحن طرفان گڏيل رد عمل مليو، ڪجهه ماڻهن محمد حارث جي رويي کي غير پيشه ورانه ۽ راند جي روح جي خلاف قرار ڏنو. محمد حارث سيريز جي پهرين ميچ ۾ به سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو. نوجوان بيٽسمين محمد حارث جي ڪاوڙ جو سبب سندس مسلسل ناڪامي آهي. لڳاتار 8 ميچن ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ، هن پنهنجو غصو بيٽ تي ڪڍيو.