ڇا توهان کي خبر آهي ته ڪهڙا ڪهڙا جانور ننڊ ڪندا ئي ناهن؟

هر جاندار لاءِ گهڻي قدر بنيادي ضرورتون ساڳيون هونديون آهن انهن جا طريقا مٽجي سگهن ٿا پر تڏهن به ضرورت ساڳي هوندي آهي، مثال کاڌو کائڻ وغيره، کاڌو هر جاندار جي ضرورت آهي، مختلف جاندار مختلف کاڌا کائي سگهن ٿا تنهن باوجود به کاڌو کائڻ جي ضرورت سڀني کي ئي پوندي آهي.

اهڙي ئي ريت ننڊ ڪرڻ به سڀني جانورن جي عام ۽ اهم ضرورت آهي، پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ڌرتي تي ڪجهه اهڙا جانور به آهن جيڪي ننڊ ناهن ڪندا؟

دنيا ۾ ڪجهه اهڙا جانور به آهن جيڪي ننڊ ڪندا ئي ناهن، ۽ انهن جانورن ۾ پکين کان وٺي جيڪي سڄو ڏينهن بنا اک ڇنڀ جي اڏامندا رهن ٿا ۽ اهڙيون سمنڊ جون مخلوقون شامل آهن جيڪي رات جو به نه هئڻ برادري ننڊ جي جهٽڪي ڪنديون آهن.

ته سوال اهو اٿي ٿو ته اهڙا جانور ننڊ کان سواءِ ڪيئن ڪم ڪندا آهن؟ هيٺ انهن جانورن جا ڪجهه مثال ڏجن ٿا.

  1. ڏيڏراِهو خيال ڪيو ويندو هو ته ڏر وارو ڏيڏر سڄي زندگي ڪڏهن به نه سمهندو آهي. 1967ع ۾ ڪيل هڪ تحقيق مان ثابت ٿيو ته بُل فراگ رات سان گڏ ڏينهن به خبردار رهندو آهي.
  2. ڪوليونننڊ نه ڪرڻ واري جانورن جي فهرست ۾ ڪوليون به شامل آهن جيڪي پنهنجي غيرمعمولي ننڊ جي انداز سبب ڪڏهن به نه سمهنديون آهن. ڪوليون روايتي معنيٰ ۾ ننڊ نه ڪنديون آهن، پر ڏينهن ۾ ڪيترائي ننڍڙا قيلولا مطلب ننڊ جون جهٽڪيون ڪنديون رهنديون آهن جيڪي رڳو ڪجهه سيڪنڊن جون جهٽڪيون هونديون آهن.
  3. زرافزراف اڪيلو مماليا آهي جيڪو ٻين ممالين جي مقابلي ۾ تمام گهٽ وقت ننڊ ڪندو آهي. اهو عام طور تي روزانو رڳو 30 منٽن کان 2 ڪلاڪن تائين ننڊ ڪندو آهي جيڪا منٽن ۾ ورهايل هوندي آهي.
  4. هاٿيڪي ماڻهو خيال ڪندا آهن ته جيترو وڏو جانور هوندو، اوتري ئي ان کي آرام جي ضرورت هوندي. پر هاٿي تمام گهٽ وقت ننڊ ڪندو آهي. هاٿي روزانو سراسري طور تي فقط ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪندو آهي ۽ ڪيترائي ڏينهن بنا ننڊ جي گذاري سگهي ٿو، خاص طور تي جڏهن هو لڏي رهيو هجي يا خطري ۾ هجي.
  5. الپائن سوئفٽ پکيالپائن سوئفٽ پکي زمين تي لهڻ کان سواءِ 200 ڏينهن تائين اڏام ۾ رهي سگهي ٿو. اهو unihemispheric ننڊ جو استعمال ڪندو آهي. unihemispheric ننڊ ۾ پکي هڪ وقت ۾ دماغ جي اڌ حصي کي آرام ڏيئي اڏام ڪندو رهي ٿو.