ڪولمبيا ۾ ٽماٽن جي دلچسپ ويڙهه

بوگوٽا: ڏکڻ آمريڪي ملڪ ڪولمبيا ۾ مشهور ٽماٽن جو ميلو ”گران ٽوميٽينا فيسٽيول“ ٻيهر موٽي آيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.
اهو فيسٽيول ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ٻيهر ملهايو ويو، 2020 ۽ 2021 ۾ اهو ايونٽ ڪورونا وبا سبب ملتوي ڪيو ويو هو، پوءِ ٽماٽن جي وڌندڙ اگهه ۽ صدارتي چونڊن جي مصروفيتن سبب ايونٽ ملتوي ٿيندو رهيو.
سوٽا مارچن جي گهٽين ۾ هزارين ماڻهن هڪٻئي کي 45 ٽن کان وڌيڪ ٽماٽا هنيا، جنهن جو مقصد رڳو تفريح نه پر مقامي معيشت ۾ ٽماٽن جي اهميت کي خراج تحسين پيش ڪرڻ به هو.